سرنگهه، پرنانگ

سرنگهه، پرنانگ

سرنگهه پرنانگ

سرنگهه، پرنانگ Clouber Playtyceps Rhodorhachis: هي هڪ بلا جو قسم آهي. هن جو رنگ ميٽائون يا ڳاڙهاڻ مائل ٿئي ٿو. جسم تي 60 يا 75 چٽ يڪسان طور تي هلڪي ڪاري رنگ جي ڇلر سان ٺهي ملن ٿا. جسم جو پويون حصو عام طور تي هلڪو ۽ ڪڏهن ڪڏهن سڄي بلا ساڳي رنگ جي هلڪي ڪاري هوندي آهي. پيٽ اڇو ۽ پويون حصو ميٽائون هوندو اٿس. هي بلا عام طور تي جابلو علائقن ۾ پٿرن ۾ رهندي آهي. خطري وقت هڪدم سوڙهين وٿين ۾ گهڙي ويندي آهي. ڏينهن جو سرگرم رهندي آهي ۽ تمام تيزيءَ سان حرڪت ڪندي آهي. ڪرڙيون کائيندي آهي. طبيعت ۾ خار باز آهي ۽ پڪڙجڻ تي مقابلو ڪندي آهي. ترڪستان، شام، عرب ۽ پاڪستان ۾ لداخ کان وٺي سنڌ جي جابلو علائقن تائين ملي ٿي. ميداني علائقن ۾ نظر نه ٿي اچي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو